الخدمت فائونڊيشن جي صدر متاثرن سان مصر ۾ عيد ملهائي

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان قاهرا ۾ عيد ملهائي، هو غزا جي زخمين، بيمارن ۽ ٻارن سان مليو، کين شاپنگ ڪرائي، رانديڪا ۽ تحفا وٺي ڏنا.

عيد جي نماز کانپوءِ هو وفد سان گڏ مختلف اسپتالن ۾ ويو جتي هن متاثرن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ مالي امداد به ڪئي.

ان موقعي تي هن پاڪستانين طرفان ايڪي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر الخدمت گلوبل شاهد اقبال، يورپ جو صدر حامد فاروق ۽ ٻيا موجود هئا.

ان موقعي تي الخدمت جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان چيو ته خوشي آهي ته متاثرن جي چهرن تي مرڪون وکيرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.