اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪٽرانگ ووٽنگ مشين جي جائزي لاءِ پاڪستاني اليڪشن ڪميشن جو وفد برازيل پهچي ويو.
چيف اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ برازيل پهتل وفد ۾ پنجاب جو اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوهاڻ، ڊي جي آئي ٽي خضر عزيز ۽ نديم زبير شامل آهن.
اليڪشن ڪميشن جو وفد برازيل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جو جائزو وٺندو.
2023ع ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٽيم جي برازيل دوري جي منظوري ڏني وئي هئي پر اليڪشن ڪميشن جي مصروفيتن سبب اهڙو دورو ٻه دفعا ملتوي ڪيو ويو.
اليڪشن ايڪٽ موجب اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو پائلٽ پراجيڪٽ ڪرڻو آهي.
Next Post
You might also like