ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي وئي.
جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر عرفان جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ کانپوءِ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي ڪيسن ۾ ڏهه سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، روزانو اسپتال ۾ گيسٽرو جا 25 کان 30 مريض اچن ٿا.
ڊاڪٽر عرفان چيو ته ملٽي پل ڊس آرڊر جي ڪري ڊائريا ۽ گيسٽرو ڪافي نقصان ڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، ان ڪري اهڙي بيمارين کان بچڻ جي لاءِ گرم پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي.
You might also like