واٽس ايپ تي به اي آءِ فيچر اچي ويو

واٽس ايپ تي واهپيدارن جي سهولت لاءِ هاڻي اي آءِ فيچر اچي ويو.

رپورٽس موجب چيٽ جي پي ٽي وارو فيچر هاڻي انسٽنٽ ميسينجنگ ايپ واٽس ايپ تي به واهپيدارن جي استعمال لاءِ اچي ويو آهي جنهن ۾ سرچ ڪري واهپيدار ڪا به ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.

واضح رهي ته اهڙو فيچر مائڪروسافٽ جي بنگ ۽ گوگل جي”جيميني“۾ اچي چڪو آهي.جڏهن ته اي آءِ ٽيڪنالوجي کي ٻين ايپس ۾ به لائونچ ڪرڻ تي تجربا ڪيا پيا وڃن، سنيپ چيٽ تي اهڙو فيچر اچڻ کانپوءِ هاڻي واٽس ايپ ۾ ”ميٽا اي آءِ“ جي نالي سان واهپيدارن جي استعمال لاءِ اهو فيچر اچي ويو آهي.

واٽس ايپ ۾ آرٽيفيشل انٽيلجنس جي ان فيچر سان مختلف موضوعن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانسواءِ اسڪرپٽ، رپورٽ، ميسيج ۽ لکت جي ٻين شين ۾ مدد حاصل ڪري سگهبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.