دنيا م سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ فٽبالر ڪير؟ تفصيل سامهون اچي ويا

پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو دنيا جي سڀ کان مهانگي فٽبالر هئڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
دنيا کي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ پنج فٽبالرن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو پهرئين نمبر تي آهي.
پرتگال سان واسطو رکندڙ ڪرسٽيانو رونالڊُ جي سالياني پگهار 173 ملين پائونڊ آهي.
برازيل جي فٽبالر نيمار جونيئر جيڪو هن وقت گوڏي جي انجري سبب ميدان کان ٻاهر آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فٽبالرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
نيمار جونيئر جي سالياني پگهار 86 ملين پائونڊ آهي، ميسي ۽ رونالڊو کانپوءِ هو دنيا جو ٽيون بهترين فٽبالر آهي.
فرانسيسي فٽبالر ڪريم بينزيما دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ فٽبالرن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي.
ڪريم بينزيما جي سالياني آمدني 85 ملين پائونڊ آهي، هو سعودي عرب جي الاتحاد ڪلب جي نمائندگي ڪري ٿو.
سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ فٽبالرن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي فرانسيسي فٽبال ڪليان ايمباپي جو نالو اچي ٿو.
ڪليان ايمباپي جي سالياني پگهار 62 ملين پائونڊ آهي جڏهن ته ريئل ميڊرڊ جو حصو بڻجڻ کانپوءِ سندس پگهار ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ارجٽينا کي ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ ليجنڊري ڪپتان ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ فٽبالرن جي فهرست ۾ پنجين نمبر تي موجود آهي، سندس سالياني پگهار 55 ملين پائونڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.