ٽڪ ٽاڪ ۾ اي آءِ اواتار فيچر جا تجربا مڪمل

ٽاڪ ٽاڪ پاران اي آءِ جو استعمال ڪري ايپليڪيشن ۾ واهپيدارن جي اي ڪامرس ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تجربا جاري آهن.

هڪ رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ ڪمپني پاران اي آءِ ڊجيٽل اواتار جي فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي. ان فيچر سان واهپيدارن جي مصنوعات کي وڪرو ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. اي آءِ اواتار اسڪرپٽ پڙهي سگهندا ته جيئن مصنوعات بابت واهپيدارن کي ڄاڻ ملي سگهي. ان فيچر تي آزمائش اڃا جاري آهي ۽ اڃا واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي.

ان فيچر جو بنيادي مقصد ٽڪ ٽاڪ ۾ اي ڪامرس کي هٿي وٺرائڻ آهي ۽ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اي آءِ اواتار انساني ڪريئرٽرز جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکندا.

فيچر جي دستيابي بابت تاريخ جو باضابطا ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو پر ان تي وڏي وقت کان ڪم جاري آهي. 2023 جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي جي اواتارز جو فيچر متعارف ڪرائيندي.

ان فيچر سان واهيپدار 3 کان 10 تصويرون اپ لوڊ ڪري 5 آرٽ اسٽائلز چونڊ ڪندا. ان کانپوءِ ايپ 30 مختلف اواتار تيار ڪري ڪجهه منٽن ۾ ڏيندي جنهن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري يا سڀين جي چونڊ ڪري ڊائونلوڊ ڪيو ويندو جنهن کي پروفائل فوٽو يا اسٽوريز تي استعمال ڪري سگهبو.

ٽڪ ٽاڪ پاران روزانو رڳو هڪ ڀيرو ان فيچر کي استعمال ڪري سگهبو، ان جو مقصد سروسز کي اوورلوڊنگ کان بچائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.