جيڪو هار کپائڻ تي سزا ڏني وئي، اهو اڄ به اسان وٽ آهي: بشريٰ بي بي جي ترجمان جي دعويٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي دعويٰ ڪئي آهي ته توشا خانا جي جنهن هار جي ڪري سزا ٻڌائي وئي اهو اڄ به اسان وٽ آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ترجمان مشعال يوسفزئي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته توشا خانا ڪيس هڪ هار جي ڪري آهي، هار جي قيمت 300 ڪروڙ رپيا ڄاڻائي وئي آهي، انهن ويچارن کي خبر ئي ناهي ته هار اڄ به اسان وٽ پيل آهي.
ترجمان ٻڌايو ته اسان عدالت ۾ اهو هار پيش ڪرڻ چاهيون پيا، هار تحفي ۾ مليو جيڪو ملٽري سيڪريٽري بني گالا کڻي آيو هيو، پي ٽي آئي جي باني چيو هو ته اهو هار توشا خانا ۾ جمع ڪرايو.
هن چيو ته هار توشا خانا ۾ جمع ڪرائڻ بعد رقم ڏئي حاصل ڪيو ويو، ان هار جي اصل قيمت هڪ ڪروڙ رپيا آهي، پر هنن هار جي رقم 300 ڪروڙ ڄاڻائي پي ٽي آئي جي باني مٿان ڪيس ڪرايو، هار اڊيالا نه کڻي وڃڻ ڏنو ويو ۽ اڄ تائين اسان وٽ پيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.