پ پ وارن ڀُٽي جي نظريي تي هلڻ وساري ڇڏيو آهي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته بدقسمتي سان پيپلز پارٽي وارن کان ڀٽو جو نظريو فالو ڪرڻ وسري ويو آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي وارن آصفه ڀٽو زرداري کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آئي اميدوار مٿان تشدد ڪرايو.
هن چيو ته بدقسمتي سان پيپلز پارٽي کان ڀٽو جو نظريو فالو ڪرڻ وسري ويو آهي، جنهن وٽ مينڊيٽ نه هجي ان جي خلاف احتجاج ڪرڻ ٺهي ٿو.
پي ٽي آئي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پ پ وارن اسان جي اميدوار کي تشدد ڪري ويهاري ڇڏيو ۽ آصفه ڀٽو کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو، آصفه جيڪڏهن پنهنجي قابليت تي آئيني طريقي سان اسيمبلي اچي ها ته اهو ان لاءِ بهتر هيو.
بئريسٽر گوهر چيو اسان نٿا چاهيون ته احتجاج ڪيون پر اسان کي مجبور ڪيو ويندو آهي، ڇو ته ان کان بغير ٻيو ڪو رستو ئي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.