ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي يوٽيوب هاڻي مٽيل نظر ايندو.گوگل جي وڊيو شيئرنگ سروس جي ويب ورزن کي ري ڊيزئن ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يوٽيوب ۾ هاڻي وڊيو جو ٽائيٽل، اپلوڊ انفو ۽ ڪمينٽس کي سڄي هٿ تي ان جڳهه تي منتقل ڪيو ويو آهي جتي هاڻي يوٽيوب جون سجيسٽڊ وڊيوز نظر اينديون آهن.
اهڙي ريت سجيسٽ وڊيوز ۽ شارٽس شيلف کي وڊيوز جي هيٺان رکيو ويندو. ان ڊيزائن ۾ هاڻي وڊيو ڊسڪرپشن ۽ ٻيا تفصيل ننڍا نظر ايندا. اهو ڊيزائن سڄو مٽيل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو واهپيدار کي نه به پسند اچي. اهو ڊيزائن هاڻي يوٽيوب جي ٽي وي ايپ سان ملندڙ جلندڙ محسوس ٿي رهيو آهي.
ان سان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته ڪمپني پاران تبصرن جي جڳهه تي مواد کي وڌيڪ ترجيح ڏني پئي وڃي.
رپورٽ موجب ان ڊيزائن تي تجربا جاري آهن ۽ ان مقصد لاءِ ڊيسڪ ٽاپ تي وڊيوز ڏسندڙن کي تبصرا پڙهڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ مارچ ۾ يوٽيوب پاران ٽي وي ايپ کي ري ڊيزائن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
ڪمپني موجب ڪجهه هفتن ۾ يوٽيوب ٽي وي ايپ کي ريڊزائن ڪري متعارف ڪرايو ويندو. جڏهن ڊسڪرپشن ۽ ڪمينٽ فيڊ کي سليڪٽ ڪبو ته وڊيو جو حجم گھٽجي ويندو.