انسٽاگرام جي سرچ بار ۾ اي آءِ وارو نئون فيچر اچي ويو

ميٽا پاران جنريٽو آر ٽيفيشل انٽيليجنس(اي آءِ) ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ رڳو چيٽ بوٽس ئي نه پر سرچ بار ۾ به تبديلي آڻڻ تي ڪم جاري آهي.

انسٽاگرام جي سرچ بار ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو آهي. اهو نئون فيچر اڃا محدود واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.

واهيپدار جڏهن اسنٽاگرام جي سرچ بار تي ڪلڪ ڪندا ته کين آپشن نظر ايندو ته سرچ ود اي آءِ. ان آپشن کي استعمال ڪندي واهپيدار ڪو به سوال پڇي سگهن ٿا يا لکت ۾ هدايت وٺي سگهن ٿا. پر ان سان گڏوگڏ ميٽا پاران اي آءِ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪري اسنٽاگرام تي نئين مواد جي تلاش ۾ به استعمال ڪري سگهبو. ان نئين فيچر سان واهپيدار اي آءِ اسسٽنٽ کان مخصوص موضوعن تي ريلز وڊيو ڳولي سگهندا.

ان سان ڪمپني کي واهپيدارن جي پسند بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.