سعودي عرب جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي، وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان پهچڻ جي آجيان ڪئي، وزيراعظم جي سعودي عرب دوري جي هڪ هفتي کانپوءِ سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان آيو آهي، جنهن ۾ ماحوليات وارو وزير، پاڻي ۽ زراعت وارو وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو وزير شامل آهن.
وفد ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي فنڊ، رائل ڪورٽ، ٻين شعبن جون شخصيتون ۽ اعليٰ اختياريون به شامل آهن.
سعودي وفد پرڏيهي وزير، صنعت ۽ واپار، زراعت، معدنيات، توانائي، موسمياتي تبديلي، آبي وسيلن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.
سعودي وفد سيڙپڪاري جي ايندڙ مرحلن ۽ عملدرآمد جي معاملن تي مشاورت ڪندو، سعودي عرب جي زراعت، واپار، توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچپسي آهي، جڏهن ته دوري ۾ ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سعودي سيڙپڪاري جا معاملا غور هيٺ ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.