ناصر جمشيد ستن ورهين بعد ” ڏوهه “ قبولي ورتو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اوپنر ۽ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ سزا يافته ناصر جمشيد ستن ورهين کانپوءِ پنهنجي غلطي تي معافي گهري ورتي آهي.
ناصر جمشيد تي پاڪستان سپر ليگ ۽ بي پي ايل ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي الزام هيٺ ڏهه سالن جي پاپندي مڙهي وئي هئي، جڏهن ته برطانيا ۾ کيس 17 مهينا قيد جي سزا به ڀوڳڻي پئي.
ناصر جشميد 2017ع ۾ پاڪستان سپر ليگ ۾ پيش آيل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جو مرڪزي ڪردار رهيو،هاڻ هن پنهنجي غلطي تي معافي گهري ورتي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هن جيڪو پنهنجي ڪيريئر سان ڪيو ان تي ڪڏهن به پاڻ کي معاف نه ڪري سگهندو، پنهنجي غلطيءَ تي شرمسار آهيان.
ناصر جمشيد پنهنجي ڌيءُ سان ٽريننگ جي وڊيو پڻ پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته پنهنجو ٽيلينٽ نياڻي ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ کيس ڀرپور موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.