عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو ٿي ويو

ايران ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ نه وڌڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ معمولي لاٿ ڏٺي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 81 سينٽ گهٽجڻ کانپوءِ 89.64 ڊالر في بيرل آهي.
ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 69 سينٽ گهٽجڻ کانپوءِ 84.97 ڊالر في بيرل جي سطح تي آهي.
واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جا اگهه آڪٽوبر 2023 کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويا هئا پر هاڻ اگهن ۾ لاٿ جو رجحان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.