ڌونيءَ جي ويهه رنسن روهت جي سينچريءَ جو مزو خراب ڪري ڇڏيو

گذريل راتِ ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ آءِ پي ايل جي 29 ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز ۽ ممبئي انڊينز جي ٽيمن وچ ۾ دنگل ٿيو جنهن ۾ چنائي سپر ڪنگز 20 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
راند کانپوءِ انعام ورهائڻ واري تقريب دوران زمبابوي جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر پي موانگوا جڏهن چنائي سپر ڪنگز جي ڪپتان رتو راج گائيڪواڙ کان سوال ڪيو ته هن فتح ۾ اوهان کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شئي جي خوشي آهي؟
جنهن جي جواب هن چيو ته يقيني طور تي ”اسان جي نوجوان وڪيٽ ڪيپر “ آخري اوور ۾ لاڳيتو ٽن بالن تي ٽي ڇڪا هنيا، مان سمجهان ٿو ته اِهو ئي فرق ميچ ۾فيصلائتو ثابت ٿيو.
سوشل ميڊيا تي اِهو سوال ۽ جواب گردش ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ممبئي انڊينز جي اڳوڻي ڪپتان روهت شرما ۽ موجودا ڪپتان هاردِڪ پانڊيا جا نالا به ٽرينڊ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ” سيلفِش “ يعني خوڊ غرض جو هيش ٽيگ پڻ ٽرينڊ ۾ شامل آهي.
هتي سوال اِهو آهي ته رتوراج ” نوجوان وڪيٽ ڪيپر “ ڪنهن کي چيو ۽ ان اهڙو ڪهڙو ڪارنامو انجام ڏنو جنهن ميچ جو فيصلو چنائي سپر ڪنگز جي حق ۾ بدلائي ڇڏيو.
آچر جي رات ممبئيءَ وانکيڙي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پنج، پنج ڀيرا آءِ پي ايل جي فاتح ٽيمون ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ڇهين مقابلي ۾ آمهون سامهون هيون.
ممبئي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، هاردِڪ پانڊيا اِهو فيصلو اتان جي ڪنڊيشن ۽ انگن اکرن کي نظر ۾ رکي ڪيو.
ميچ ۾ چنائي جي شروعات سٺي نه رهي ڇو ته اوپنر اجنڪيا رهاني ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر ڪوئٽزي کي پنهنجي وڪيٽ ڏئي ويٺو، هن رڳو پنج رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ راچن رويندرا به 21 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
پر وري ڪپتان رتو راج 69 ۽ شيوم دوبي 66 رنسون ٺاهي ٽيم کي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏنو پر ان دوران ممبئي انڊينز جي بهترين فاسٽ بالر بُمرا شاندار بالنگ جو سلسلو جاري رکيو، افغانستان جي محمد نبيءَ پڻ بهترين بالنگ ڪئي .
رتو راج جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڊيرل مچل بيٽنگ تي آيو پر هو آخري اوور ۾ ڪپتان هاردِڪ پانڊيا جي ٻئي بال محمد نبي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿي ويو.
ڊيرل مچل جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پورو اسٽيڊيم ڌونيءَ جي نعرن سان گونجڻ لڳو، ڌونيءَ به تماشائين کي مايوس نه ڪيو.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان جي اچڻ کان اڳ اسڪور ٻه سئو تائين پهچائڻ ڏکيو نظر اچي رهيو هو پر هن پانڊيا جي پهرئين بال کي لانگ آف جي مٿان ڇهن رنسن لاءِ کيڏي ڇڏيو.
وري ٻئي بال تي هن لانگ ۽ مڊ وڪيٽ طرف ڇڪو هنيو، ٽيون بال ليگ اسٽيمپ تي فُل ٽاس هو ۽ ان کي اسڪوائر ليگ جي مٿان کيڏي ڇهه رنسون حاصل ڪيون، چوٿون بال بيٽ جي هيٺين حصي ۾ لڳو جنهن تي ڌوني ڊوڙي ٻه رنسون ٺاهي ورتيون.
اهڙي ريت 42 ورهين جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر چئن بالن تي پنج سئو جي اسٽرائيڪ ريٽ سان ناقابلِ شڪست ويهه رنسون ٺاهيون ۽ اِهي ئي ويهه رنسون ميچ ۾ اهم ثابت ٿيون.
ان جي ابتڙ ممبئي انڊينز بهترين شروعات ڪئي ۽ پاور پلي دوران بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 63 رنسون ٺاهيون.
ايشان ڪِشن 21 رنسون ٺاهي سريلنڪن بالر مٿيشا پٿيرانا جو شڪار بڻيو، ان ئي اوور ۾ پٿيرانا سوريا ڪمار کي ٻڙي تي آئوٽ ڪيو.
پر ٻئي پاسي روهت شرما گرائونڊ جي چئني پاسي پنهنجا اسٽروڪ کيڏندو رهيو ۽ هن ٽيهه بالن تي ست چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي.
ٻئي پاسي نوجوان بيٽر تلڪ ورما وڪيٽ تي سيٽ ٿيڻ بعد پٿيرانا جو ٽيون شڪار بڻيو هن 20 بالن تي 31 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ پنج چوڪا پڻ شامل هئا.
ان کانپوءِ ڪپتان هاردِڪ پانڊيا، ديش پانڊي جي بال تي ٽِم ڊيوڊ کي ڪيچ ڏئي ويٺو، ان دوران گهربل ايوريج وڌندي رهي ۽ روهت شرما 61 بالن تي ڏهه چوڪن ۽ پنج ڇڪن جي مدد سان پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي پر هو ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو، پٿيرانا کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
سوشل ميڊيا تي بحث
شايد انڪري ئي ميچ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي روهت شرما لاءِ ” سيلفش “ جو هيش ٽيگ استعمال ٿي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار ڪپتان رتو راج طرفان ڌونيءَ کي ” نوجوان وڪيٽ ڪيپر “ چوڻ تي کيس ساراهي رهيا آهن.
جڏهن هاردِڪ پانڊيا کان شڪست جي ڪارڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ” چنائي سٺي بالنگ ڪئي ۽ وڪيٽ جي پٺيان هڪ رانديگر هو جيڪو کين اِهو ٻڌائيندو رهيو ته ڪهڙو بال هلائڻو آهي“، سندس اشارو به ڌونيءَ ڏانهن ئي هو.
چنائي جي ٽيم بابت سڀ ڄاڻن ٿا ته جيتوڻيڪ ڌوني باظابطا ڪپتان نه آهي پر ڪپتاني هو ئي ڪري رهيوآهي.
ان حوالي سان چنائي جي ڪوچ ۽ مينٽور فليمنگ چيوته رتو راج ۽ ڌوني ۾ ڪو به فرق نه آهي، مان ڄاڻان ٿو ته اسان جو اڳوڻو ڪپتان ڏاڍو ٿڌي مزاج وارو هو پر هي ڇوڪرو ( رتو راج ) به اهڙو ئي آهي.
بهرحال ان ڪاميابيءَ کانپوءِ چنائي سپر ڪنگز پوائنٽس ٽيل تي 8 پوائنٽن سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته ممبئي انڊينز 4 پوائنٽن اٺين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.