ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻار فوت ، هلندڙ سال انگ 134 ٿي ويو

مٺي (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا، هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ 134 ٿي ويو.
سنڌ جي صحت کاتي موجب غذائي کوٽ ۽ بيمارين جو شڪار ڪيترائي ٻارڙا مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل آهن، جن مان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ چار ٻارڙا فوت ٿيا آهن.
صحت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته فوتي ٻارڙن جو تعلق ٿرپارڪر جي ٻهراڙي وارن علائقن سان آهي، فوتي ٻارڙن جي عمر 5 کان 9 سال تائين ٻڌائي پئي وڃي، غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب هلندڙ سال فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 134 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.