مودي حڪومت ايڪس تي ٻه لک ڀارتين جا اڪائونٽ بند ڪرائي ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت ايڪس تي ٻه لک ڀارتين جا اڪائونٽ بند ڪرائي ڇڏيا.
سماجي رابطن واري مشهور پليٽ فارم ايڪس تي حڪومت مخالف ٻه لک ڀارتين جا اڪائونٽ دهشتگردي ۽ اڻ وڻندڙ مواد پکيڙڻ جي الزام ۾ بند ڪيا ويا آهن.
ڀارتي خابرو اداري ٽائمز آف انڊيا موجب ايڪس جي انتظاميا 26 فيبروي کان 25 مارچ جي عرصي ۾ 2 لک 13 هزار کان وڌيڪ اڪائونٽ بند ڪيا آهن.
ايڪس جي انتظاميا طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته بند ڪيل اڪائونٽن ذريعي ٻارڙن بابت اڻ وڻندڙ مواد اپلوڊ ڪيو ويندو هيو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي انتظاميا اهڙي ڪارروائي مختلف الزامن تحت داخل ٿيندڙ شڪايتن جو جائزو وٺڻ بعد ڪئي، اهڙي ڪارروائي لاءِ انتظاميا کي 5158 شڪايتون موصول ٿيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.