آسٽريليا جي ارب پتي واپاري پاران ٽائي ٽينڪ ٽو جهاز ٺاهڻ جو اعلان

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ارب پتي واپاري ٽائي ٽينڪ ٽو جهاز ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪلائيو پامر موجب، ڇاونجاهه هزار ٽن وزن جي ان جهاز تي پنجاهه ڪروڙ کان هڪ ارب ڊالر تائين خرچ ايندو.
سامونڊي جهاز جو پهريون سفر جون 2027ع ۾ 1912ع ۾ غرق ٿيل ٽائي ٽينڪ جهاز وانگر سائوٿمپٽن کان نيويارڪ تائين هوندو.
ياد رهي ته 2015ع ۾ پامر جي ڪمپني ۽ چيني ڪمپني سائٽڪ وچ ۾ مالي معاملن جي ادائيگي تي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٽائي ٽينڪ ٽو تي هلندڙ ڪم روڪيو ويو، پر 2018ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر ان سامونڊي جهاز کي ٺاهڻ ۽ 2022ع ۾ ان کي سمنڊ ۾ لاهڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
هاڻوڪي پريس ڪانفرنس ۾ڪلائيو پامر پاران ٽائي ٽينڪ ٽو جهاز ۾ دير جو سبب ڪورونا وائرس وبا ڄاڻائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.