اسٽاڪ ايڪسچيج ناڪاري شروعات کانپوءِ تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد الفطر جي موڪلن بعد پهرئين ڪاروباري ڏينهن تي اسٽاڪ ايڪسچيج ناڪاري شروعات کانپوءِ تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند ٿي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ۾ پهريون دفعو 70 هزار 544 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ عيدالفطر جي موڪلن کانپوءِ پهرئين ڪاروباري ڏينهن جي شروعاتي ٽريڊنگ ۾ لاها چاڙها ڏسڻ ۾ آيا.
عيدالفطر جي موڪلن کان پهريان انڊيڪس 70 هزار 314 پوائنٽن تي بند ٿيو هيو.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي ناڪاري شروعات ٿي پر بعد ۾ ڪاروبار تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.