آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ميمبر طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نئين چونڊيل ميمبر آصفه ڀٽو زرداري ايوان جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو.
اسپيڪر اياز صادق آصفه ڀٽو زرداري کان حلف ورتو ۽ حلف کڻڻ کانپوءِ کيس مبارڪباد به ڏني.
حلف کڻڻ کانپوءِ آصفه ڀٽو زرداري رول آف ميمبرز تي صحيحون به ڪيون.
آصفه جي حلف برداري دوران سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، حڪومتي ميمبر ايوان مان هليا ويا، جڏهن ته پ پ ميمبر به ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.
ان دوران سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.