سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آنڌاري ۽ مينهن جو وسڪارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي .

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات پئي آهي .

ڊفينس اختر ڪالوني،صدر ، لائينز ايريا، محمود آباد،اعظم ٽائون، ڪالا پل ۽ بين علائقن ۾ هلڪو مينهن پيو .

چنيسر ڳوٺ، قيوم آباد،ڊفينس ،ڪورنگي،اعظم بستي ،لائينز ايريا،مهراڻ ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي .

سکر،خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي

نصيرآباد، مٽياري، اڏيرو لال، ڏوڪري، ٺارو شاهه، هالا، باڊهه، گاجي کهاوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي

ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنوڻ ڪِرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو .

موسميات کاتي موجب حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ آنڌاري سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي .

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات پوندي جڏهن ته سڀاڻي تيز مينهن پوندو.

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته اپريل جي صبح تائين وقفي وقفي سان برسات پوندي ،اڄ وڌ کان وڌ 32 سينٽي گريڊ گرمي پد رهندو.

چيف ميٽرولاجسٽ موجب اولهه جي هوائن جو ٻيو سلسلو 17 اپريل ۾ داخل ٿيندو ، ٻي سسٽم ۾ هوائون بلوچستان جي سامونڊي علائقن مان ڪراچي ۾ داخل ٿينديون، جڏهن ته ٻئي اسپيل ۾ ڪراچي ۾ تيز برساتون پونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.