ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف هي جنگ رڳو سيڪيورٽي فورسز جي نه پر امن دشمنن خلاف جنگ رياست جي جنگ آهي.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ نوشڪي سانحي کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ڪوئيٽا ۾ ٿيل اجلاس ۾ آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري سميت اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل نوشڪي سانحي بابت بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ نوشڪي واقعي جي مذمت ۽ مستقبل ۾اهڙن واقعن جي رنڊ روڪ لاءِ سيڪيورٽي پلان نئين سر ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو سيڪيورٽي فورسز جي نه،امن دشمنن خلاف هي جنگ سياستدان، سول آرمڊ فورسز، بيوروڪريسي، عدليه ۽ ميڊيا، سڀني کي وڙهڻي آهي.
وڏي وزير نوشڪي سانحي جي شهيدن جي پونئرن کي هفتي ۾ معاوضي جي ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.