تهران (ويب ڊيسڪ) اسرائيل تي ايران طرفان ڊرون حملن تي ايران جي مختلف شهرن ۾ جشن ملهايو ويو.
ايراني ميڊيا موجب تهران ۾ شهري ايران جا جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا.
شهرين اسرائيل خلاف ۽ فلسطيني عوام جي حق ۾ نعرا هنيا.
ٻئي پاسي لبناني راڄڌاني بيروت ۾ به اسرائيل تي حملي جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ياد رهي ته ايران اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فائر ڪيا آهن.