ايران جي خطرن کي ڏسي رهيا آهيون: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جي حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن وائيٽ هائوس ۾ قومي سلامتي ٽيم سان هنگامي ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن، پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ۽ انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ان دوران ايران جي حملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، صدر بائيڊن چيو ته هو اسرائيل جي سيڪيورٽي خلاف ايران کان خطرن کي مانيٽر ڪري رهيو آهي.

بائيڊن انتظاميا حملي تي اسرائيل ۽ ٻين اتحادين سان رابطي ۾ آهي.

ايران جي حملي کانپوءِ آمريڪا وچ اوڀر ۾ فوجين جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي عملدارن چيو آهي ته ايران جي اسرائيل تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي فورسز 70 کان وڌيڪ ايراني ڊرونز ۽ گهٽ ۾ گهٽ 3 بيلسٽڪ ميزائل ڪيرايا، صدر بائيڊن ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.