پي ٽي آءِ باني پاڻ پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا پيو ڪري: وڏو وزير

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ مسئلا پيدا ڪري ٿو.

وڏو وزير پنهنجي والد جي ورسي جي موقعي تي سيوهڻ پهتو، هن پنهنجي والد جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اڄ شهيد ڀٽو جي ورسي جو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پروگرام آهي، والد صاحب جي ورسي جي قرآن خواني ۾ شرڪت ڪري ڳڙهي خدا بخش ويندس.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ حمايت ۽ طاقت جو غلط استعمال ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين سياست بدران طاقت جو استعمال ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا.

تحريڪ انصاف طرفان مبينا ڌانڌلي خلاف تحريڪهلائڻ تي ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي چونڊون ٿي چڪيون آهن ته هن وقت ڪنهن تحريڪ جو جائزو وٺڻ نٿو ٺهي.

وڏي وزير ٻڌايو ته برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.