شاهه نوراني واقعو: فوتين جو انگ 19 ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حب ويجهو درگاھ شاھ نوراني تان واپسي تي ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو.

عيد ڏھاڙي درگاھ شاھ نوراني تان واپس ايندي ٺٽي واسين جي ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 18 ڄٺا فوت ۽ 42 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

شھيد بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ڪراچي ۾ علاج دوران رفيق جوکيو دم ڌڻي حوالي ڪيو.

فوتي جو مڙھ سندن ڳوٺ مڪلي لڳ قاسم جوکيو آندو ويو.

فوتي رفيق جوکيو جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون،جنهن بعد کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.