سنگرار جي نياڻي پريا ڪماري آزاد نه ٿي، گهر ۾ روڄ راڙو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري آزاد نه ٿي سگهي، عيد ڏينهن به احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، عيد جي ٻئي ڏينهن چيلهار ۾ مارچ شروع ڪيو ويو، جيڪو مٺي  پهتو،  ڪراچي ۾ ايس يو پي طرفان پريا ڪماري جي آزادي لاءِ عيد جي ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ماروئڙا ڳوٺ کان مارچ ڪري ڪراچي ايسٽ پريس ڪلب سچل ڳوٺ ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي اوڀر جي اڳواڻن واحد مغيري، خليق الرحمان ھڪڙو، سراج قريشي، ساجد راڄپر، بقاءِ انسان فورم جي چيئرمين مجيب چولياڻي، وائيس چيئرمين جنيد تنيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب گوپانگ، قومي عوامي تحريڪ جي مدثر سرڪي صديق اڪبر  فائونڊيشن جي  چيئرمين  قائم علي ٿھيم ۽ سياسي سماجي اڳواڻن امان انصاري، فتاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪنڌڪوٽ ۾ سکر جي سنگرار شھر مان اغوا ٿيل معصوم گلن جيان نازڪ پريا ڪماري جي ظالمن جي قيد مان آزادي ۽ ضلعي  ۾ بدامني ۽ ميگھواڙ  برادري جي گھرن مان چوري واري واقعن خلاف ميگھواڙ نوجوان اتحاد جي سڏ تي ماڙوائي پاڙي کان سوين نوجوان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رميش ڪمار پنو، مھينڌرلال، امرلال، موھن لال، رميش پونر، اندر لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، فيض گنج ۾َ عيد ڏهاڙي تي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شاگردن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، شاگردن وڪيلن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن تصور باقي، وڪيل شيراز چانگ، عبدالحفيظ خاصخيلي، نديم چانگ، رضا محمد شهباز شر راحل شر  ۽ ٻين ڳالهائيندي چيوته پريا ڪماري کي اغوا ٿئي ٽي سال گذري چڪا آهن پر ان کي آزاد نٿو ڪرايو وڃي،  انتظاميه کي خبر آهي ته پريا ڪماري ڪنهن جي قيد ۾ آهي پر ان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، چيلھار جي مشھور سياسي سماجي توڙي ادبي شخصيت سائين مشتاق قاسماڻي پاران عيد جي ٻئي ڏينهن تي چيلھار کان ڪشمير چوڪ مٺي تائين سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري فضيلا سرڪي سميت ٻين نياڻين ۽ کنڀي گم ڪيل سنڌ جي نوجوانن جي آزادي لاءِ مارچ ڪيو ويو، چيلھار مٺي روڊ تي ايندڙ ويندڙن ماڻهن گاڏيون بيھاري مشتاق قاسماڻي جي ھمٿ ۽ حوصلي کي داد ڏنو، سائين مشتاق قاسماڻي ۽ راجا سوڻيکي جي اڳواڻي ۾ قافلو مٺي پھچي چڪو هو، جساف آريسر پاران پريا ڪماري کي آزاد نه ڪرائڻ ۽ جبري گمشدگين خلاف پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مُظاھرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي معصوم زئور، علي ڪرناڻي، ڪامريڊ سڪندر زئور، پنھل جاکرو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته معصوم نياڻين کي به هاڻ اغوا ڪيو پيو وڃي، معصوم ٻار اغوا ٿي رهيا آهن، پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ ٻيون نياڻيون ڌاڙيلن  وٽ قيد آهن، بدامني وڌي وئي آهي، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.