بهاولنگر واقعي تي مريم نواز سميت سڀني جا ”پر“ سڙيا

لاهور(عوامي آواز نيوز) صحافي منصور علي خان چيو آهي ته بهاولنگر ۾ ايس ايس جي ڪمانڊوز ۽ پنجاب پوليس جا جوان آمهون سامهون  ٿيا، پوليس جيڪڏهن لاقانونيت ڪئي ته ڪنهن ٻئي اداري جي اهلڪارن کي ڪنهن حق ڏنو ته اهي پاڻمرادو ڪارروائي ڪن، ان واقعي جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان خبر ۾ زهر ڪڍيو وڃي، اداري جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف احتساب نه ٿيو ته اهڙاو واقعا مستقبل ۾ ٿيندا،ان واقعي سان اداري جي عزت خراب ٿي آهي،هن چيو ته ان سڄي واقعي تي مريم نواز ۽ پنجاب حڪومت خاموش آهي، مريم نواز هونئن ته دنيا جهان جا نوٽيس وٺندي آهي،ان ۾ ”پر“ سڙن ٿا،دفاع واري وزارت خواجا آصف جي ماتحت آهي، ان کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، سڀ ان تي خاموش آهن، پنجاب پوليس ۾ ان واقعي تي وڏي ڪاوڙ آهي،هڪ ادارو ٻئي تي حاوي ٿيو آهي،هن چيو ته آءِ جي پنجاب ان واقعي تي اسٽينڊ نه ورتو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.