پنجاب پوليس جي اهلڪار پاران نوڪري ڇڏڻ جو اعلان

لاهور(عوامي آواز نيوز)پنجاب پوليس جي هڪ اهلڪار چيو  آهي ته پهرين به پنجاب پوليس سان واقعا ٿيا،بهاولنگر ۾  آرمي وارن جيڪو ڪيو اهو دهشتگردي کان گهٽ ناهي، پوليس ۾ جهڙي طرح جو ماحول ٺاهيو ويو آهي اهو برداشت کان ٻاهر آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ هن چيو ته اسان جا آفيسر ٿاڻن تي ايندا آهن، ننڍي ننڍي غلطي تي سروس ڪٽي ڇڏيندا آهن، ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيندا آهن،بهاولنگر  ۾ اسان جي پوليس جي جوانن سان جيڪو ظلم ڪيو ويو ان تي ڪير انصاف ڪندو؟ اسان جي آءِ جي صاحب اڃا تائين ڪو به ايڪشن ناهي کنيو،وڊيوز موجود آهن، هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب پوليس ائين آرمي وارن کي ماري ها ته پوءِ ردعمل ڏسڻ وٽان هجي ها،اسان جي کاتي وارا چوڙيون پائي ويٺل آهن،منهنجي دل ۾ گهڻا جذبات آهن پر مان وڌيڪ نه پيو چئي سگهان،هن واقعي سان منهنجو دل کٽو ٿي ويو آهي، پوليس جي نوڪري ڇڏي رهيو آهيان،پنجاب پوليس هڪ مظلوم کاتو بڻجي چڪو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.