”وردي وارن“ ٿاڻي جون ڪئميرائون ٽوڙي اسان تي وڏو تشدد ڪيو: اهلڪار

لاهور(م ڊ) بهاولنگر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کانپوءِ نوڪري ڪرڻ جو دل نٿي چوي، اهي لفظ پنجاب پوليس جي اهلڪار جا آهن، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بي بي سي سان ڳالهيون ڪندي اهلڪار دعويٰ ڪئي ته هو ان دوران” وري وارن“ پاران ٿيندڙ تشدد جي ڪري زخمي ٿيو جنهن کانپوءِ کيس طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو، موقعي تي موجود پوليس اهلڪارن مطابق بهاولنگر ۾ اربعا ڏينهن تقريبن 12 وڳي ”سائيٽ ڊويزن اي“ ٿاڻي جي ٻاهر پاڪستاني فوج ۽ رينجرز جا اهلڪار سرڪاري گاڏين ۾ داخل ٿيا، رينجرز ۽ فوجي اهلڪارن ٿاڻي ۾ لڳل ڪئميرائون ٽوڙي ڇڏيون ۽ ڊي وي آرز  به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتيون، ٿاڻي ۾ موجود ٻن اهلڪارن دعويٰ ڪئي آهي ته فوجي اهلڪارن نه رڳو ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي بلڪه اتي پهرين کان لاڪپ ۾ بند معطل ٿيل ايس ايڇ او رضوان عباس، اي ايس آءِ محمد نعيم،ڪانسٽيبل محمد اقبال ۽ علي رضا تي بدترين تشدد ڪيو، سوشل ميڊيا تي هل ٿيڻ بعد پنجاب پوليس بيان جاري ڪيو ته ان واقعي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو  پيو وڃي، ان پيغام کانپوءِ پنجاب پوليس پاران ”ايڪس“ (ٽوئيٽر) تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ پنجاب پوليس ۽ فوج جا اهلڪار ” پاڪ فوج زنده باد ۽ ” پنجاب پوليس زنده باد“ جا نعرا لڳائيندي نظر آيا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.