سکر مان 7 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگريون واپس نه آيون، احتجاج

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر جي آباد ٿاڻي جي حد سوسائٽي واري علائقي مان 7 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 2 نينگريون بازياب نه ٿيون، وارثن جي دانهن ڪوڪ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، متاثرن جي گهر ۾  پريشاني واري صورتحال پکڙيل ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل، مائيڪرو ڪالوني واري علائقي جي رهواسي پورهيت اعجاز شيخ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته نياڻيون 10 سالن جي شيراز ۽ 8 سالن جي شهناز شيخ سوسائٽي واري علائقي ۾ بنگلي تي ڪم ڪنديون هيون، جتان شام جي ٽائيم گهر واپس ايندي جوابدار عمران شيخ مبينا طور اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، اھڙو ڪيس آباد ٿاڻي تي داخل ھجڻ باوجود پوليس نياڻين کي بازياب ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته ڪيس ۾ پوليس نياڻين کي اغوا ڪندڙ جوابدار عمران شيخ جي پيءُ حضور بخش شيخ ۽ ٽن ڀائرن ياسين، پپو شيخ، ببلو شيخ کي گرفتار ڪيو آھي پر ان باوجود نياڻيون آزاد ناھن ٿي سگھيون، نياڻيون سوسائٽي ۾ بنگلي تي ڪم ڪنديون آھن جتان گهر واپس ايندي جوابدار زبردستي ٻنهي نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو، خدشو آهي ته نينگرين کي قتل نه ڪيو وڃي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.