پنجاب حڪومت شاگردن کي 20 هزار موٽرسائيڪلون فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو

لاهور ( م ڊ ) پنجاب ۾ شاگردن کي 20 هزار موٽرسائيڪلون فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، شاگردن کي آسان  قسطن تي موٽر سائيڪلون فراهم ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي، پنجاب حڪومت شاگردن کي مفت موٽ سائيڪلون ڏيڻ لاءِ هڪ ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي، چيف منسٽر يوٿ ايني شيٽس پروجيڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ 19 هزار پيٽرول موٽر سائيڪلون ۽ 1000 اي-بائيڪس فراهم ڪيون وينديون. موٽرسائيڪل جي ماهوار قسطن تي 20 هزار ڊائون پيمينٽ ۽ مارڪ اپ به پنجاب حڪومت ادا ڪندي، پهرين مرحلي ۾ فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ اليڪٽرانڪ موٽر سائيڪلون ڏنيون وينديون. درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 29 اپريل 2024 آهي. .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.