حيدرآباد: يتيم نينگر محمود ملاح جي قتل ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي، ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد ۾ هڪ بنگلي اندر وڏيري جي پٽن ۽ سندس دوست هٿان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش دوران قتل ڪيل يتيم نينگر محمود ملاح جي قتل ڪيس ۾ پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي، وارثن پاران مک جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ، جوابدارن جي مائٽن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري جاچ ۾  شامل نه ڪرڻ خلاف ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود مقتول نينگر جي وارثن سان ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي، جي آئي ٽي جي نڪتل نوٽيفڪيشن ۾ جاچ جي رپورٽ 7 ڏينهن اندر ايس ايس پي حيدرآباد کي ملڻي هئي، جنهن موجب اڄ پوليس جي جاچ جي رپورٽ جمع ٿيڻي آهي، پر جي آءِ ٽي جو سربراهه عيد کان 2 ڏينهن اڳ موڪل وٺي پنجاب روانو ٿي ويو هو، جنهن ڪري مقتول نينگر محمود ملاح جي قتل ڪيس بابت جوڙيل جي آءِ ٽي جو حشر به ماضيءَ وارن واقعن تي جڙيل جي آءِ ٽيز جهڙو ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو ، 2 جوابدار حسن مگسي ۽ حسين مگسي پوليس جي سستي جو فائدو وٺندي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي چڪا ۽ هڪ رپوش جوابدار منتظر شاهه به اڃا تائين آجو آهي. مقتول نينگر محمود ملاح جي وارثن پاران انصاف جي لاءِ انساني حقن جي تنظيمن، صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان رابطا ڪري ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته محمود ملاح جي خون سان انصاف جي لاءِ رٿيل احتجاج ۾ ساٿ ڏيڻ جي لاءِ انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي، حيدرآباد جي صحافين، وومين ايڪشن فورم، هاءِ ڪورٽ بار، ڊسٽرڪٽ بار ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري احتجاج ڪرڻ جو ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪنداسين، پوليس پهرين ڏينهن کان جوابدارن کي آزاد ڇڏي ڏنو، ان ڪري جوابدار ڌر تي ڪو به دٻاءُ نه پيو آهي. عيد جي ڏينهن سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ محب آزاد جي اڳواڻي وفد جي صورت ۾ ڳوٺ الهبچايو ميربحر ۾ مقتول جي امڙ مڊم ملاح ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي،  ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته قتل جي داخل ڪيل ايف آئي آر ۾ رڳو ٽن جوابدارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جو چاچو ۽ ان جا ٻيا مٽ مائٽ به قتل کي لڪائڻ جي ڪوششن ۾ هئا ۽ قتل واري رات کان سرگرم رهندي نينگر جي وارثن کي ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا، پر انهن جا نالا ايف آئي آر ۾ شامل ناهن، اهڙي طرح هن قتل واري واقعي ۾ زميندارن جو 2 گاڏيون پڻ استعمال ٿيون آهن، انهن گاڏين جو به ذڪر ايف آءِ آر ۾ ناهي ٿيل، ان ڪري مقتول نينگر محمود ملاح جا وارث جلد ئي ايس ايس پي حيدرآباد کي ايف آئي آر ۾ وڌيڪ نالا ۽ معلومات شامل ڪرڻ جي لاءِ درخواست ڏيندا، جيڪڏهن پوليس وارثن جي درخواست قبول ڪندي سندن مرضيءَ موجب ايف آئي آر ۾ وڌيڪ نالا ۽ ٻي اهم معلومات شامل نه ڪئي ته عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين.

  •  بااثر رياض مگسي پنهنجي ٻن ڀائيٽين کي بچائڻ لاءِ سرگرم

حيدرآباد: جوابدارن حسين مگسي ۽ حسن مگسي جو چاچو بااثر زميندار رياض مگسي، ارشاد مگسي ۽ ٻيا مٽ مائٽ ٻنهي مک جوابدارن کي بچائڻ جي لاءِ  سرگرم ٿي ويا آهن، هو سياسي اوطاقن ۽ گهرن تي وڃي سياسي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري يتيم نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي راڄوڻي ذريعي آجو ڪرائي خون لوڙهڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهن، نينگر محمود ملاح جي امڙ مڊم ملاح جو چوڻ آهي ته بااثر جوابدار ۽ انهن جا مٽ مائٽ هر ڏينهن ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿا، ٻين ماڻهن جي ذريعي لالچون ڏيڻ جون ڪوششون ڪن ٿا، پر آئون ڪيس تان هٿ نه کڻنديس، بااثر زميندار ۽ جوابدارن جو چاچو رياض مگسي، ارشاد مگسي ۽ ڪمدار لطف مگسي به پٽ جي خون ۾ ملوث آهن.

  • محمود ملاح جي وارثن سان تعزيت لاءِ ملاح برادري جا ماڻهو ڳوٺ الهبچايو ميربحر پهچندا

حيدرآباد: مقتول نينگر محمود ملاح جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ جي لاءِ اڄ ملاح برادري جو مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ڳوٺ الهبچايو  ميربحر پهچندا، امير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران جاري ڪيل بيان موجب ايم پي اي تاج محمد ملاح، علي مير ملاح، منور حسين ملاح، اعجاز ملاح، احمد الدين ميراڻي ۽ ٻيا اڳواڻ ڳوٺ الهبچايو ميربحر ۾ بيگناھه قتل ڪيل محمود ملاح جي تڏي پھچي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪندا ۽ قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن سان صلاح مشورو ڪري لائحه عمل جوڙيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.