ٻن سالن اندر چونڊون؟نوازشريف جلد نئين بيانئي سان ميدان ۾ نڪرڻ وارو

لاهور(عوامي آواز نيوز) لاهور جاتي امرا ۾ ن ليگ جي قائد ميان نوازشريف جي ٽن اهم صحافتي  شخصيتن سان ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب ميان نوازشريف سان ٽن اهم شخصيتن 28 رمضان المبارڪ تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون، مختلف معاملن تي راءِ طلب ڪئي وئي،نوازشريف جي ويجهو رهندڙ ساٿين جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي دماغ ۾ ڇا هلي رهيو آهي ان جي ڪنهن به خبر ناهي پوندي،هو پنهنجا پتا شو ناهي ڪندو،ملاقات ڪندڙن ۾ مجيب الرحمان شامي، سلمان غني ۽  حفيظ الله نيازي شامل هئا، نوازشريف  کانئن پڇيو ته عدليه آزاد آهي يا ڪمپرومائزڊ آهي؟ ڇا موجوده عدليه خلاف بيانيو ٺهي سگهي ٿو؟ نوازشريف مستقبل ۾ بيانئي جو اعلان ڪندو، هن ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي، اهو به امڪان آهي ته نوازشريف ن ليگ جي صدارت  سنڀاليندو، نوازشريف صحافين سان ملاقات ۾ انڪشاف ڪيو ته حڪومت سازي جو فيصلو شهبازشريف جو نه هو، 8 فيبروري جي نتيجن کانپوءِ سموري قيادت مايوس هئي، اسان کي اميدن موجب نتيجا نه مليا، شهبازشريف سان ن ليگ جي قيادت متفق هئي ته حڪومت جو بار نه کڻڻ گهرجي، نوازشريف ئي هو جنهن حڪومت وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو، نوازشريف کي گمان هو ته صورتحال تبديل ٿي ويندي، فيصلا سازي جو اختيار حڪومت کي ملي ويندو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ به ميسر هوندي، ن ليگ کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين حڪومت وٺڻ گهرجي، انهن سالن ۾ نوازشريف سرگرم ٿيندو ۽ پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائي موثر بيانيو جوڙيندو، ايندڙ ٻن سالن ۾ ن ليگ چونڊن لاءِ تيار هوندي،ذريعن موجب  ايندڙ ٻن سالن ۾ وچ مدي واريون چونڊون ٿي سگهن ٿيون، اسٽيبلشمينٽ حامي صحافي محسن بيگ ٽاڪ شوز ۾ چيو ته اسان کي ٻن سالن تائين معيشت تي فوڪس ڪرڻ گهرجي جنهن بعد اسان اليڪشن ۾ وڃي حقيقي عوامي مينڊيٽ حاصل ڪري سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ عمران خان سان رابطو ڪري کيس ٻن سالن تائين خاموش رهڻ جو چيو ويندو، ان حوالي سان ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسٽيبلشمينٽ کي خاطري ڪرائي ته عمران خان ڊيل جي پابندي ڪندو، نوازشريف اهو به انڪشاف ڪيو ته محسن نقوي شهبازشريف جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، هن جي مداخلت جي ڪري وزيراعظم جو عهدو انڊرمائن ٿي رهيو آهي، اها صورتحال قابل قبول ناهي،نوازشريف جو بيانيو عدالتن جي ڪارگذاري،ن ليگ کي چونڊن لاءِ تيار ڪرڻ، هو هڪ انقلابي ۽ سڌاري پسند ليڊر طور اڀرڻ، حڪو مت اندر اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ختم ڪرڻ تي مشتمل هوندو ۽ نوازشريف مستقبل ۾ چوندو ته حڪومت اختيارن کان بغير ڪجهه به ناهي،مستقبل ۾ نوازشريف جو نئون بيانيو عمران خان جي بيانئي سان مقابلي ۾ نظر ايندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.