ڀرياسٽي ويجهو درويش نينگري سان لڄالٽ، 2 جوابدار گرفتار

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان مبينا ڏاڍئي وارثن جو احتجاج، ڳوٺ رب رکيو سولنگي ۾ 13 ورھين جي درويش  صفت نينگري زڪيـ ڌيءَ محمد عثمان سولنگي کي ٻن جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻايو، ڀريا پوليس  پوليس ٻڌايو ته  متاثر نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ  ڀريا اسپتال موڪليو ويو، زيادتي جو نشانو بڻيل نوجوان ناري جي ڀاءُ سعيد احمد سولنگي، وسيم سولنگي، ظفر ولنگي ۽ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، درويش ڀيڻ پنهنجي ڳوٺ مان کير وٺڻ وئي ته جوابدارن صوبدار سولنگي ۽ زمان سولنگي زبردستي کيس يرغمال بڻائي ڳوٺ ٻاهران هڪ موالين جي اوطاق تي ڏاڍائي ڪئي ۽ بعد ۾ نياڻي کي گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا، وڏي منشي سونھارو لاڙڪ ٻڌايو ته نينگري جي ڀاءُ محمد وسيم سولنگي جي فرياد تي ٻن جوبدار ضامن ۽ صوبدار سولنگي مٿان ڪيس  داخل ڪيو آهي، ذريعن موجب ڀرياسٽي پوليس زيادتي جي الزام ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ميمونا جلباڻي ٻڌايوته ناري جزا وٺي ليباٽري موڪليا ويندا زيادتي جي تصديق بعد ۾ خبر پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.