ڌونيءَ جي پارٽنر کانپوءِ پانڊيا جو ڀاءُ به فراڊ جي ڪيس ۾ سوگهو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني جي بزنس پارٽنر کانپوءِ ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردِڪ پانڊيا جي ويڳي ڀاءَ کي به پوليس ٺڳي جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ۾ ممبئي انڊينز جي قيادت ڪندڙ هاردڪ پانڊيا جي ويڳي ڀاءُ ويڀوَ پانڊيا کي ممبئي پوليس اٽڪل 4.3 ڪروڙ رپين جي فراڊ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي.
ويڀوَ تي مبينا طور پارٽنرشپ فرم سان 4.3 ڪروڙ جي فراڊ جو الزام آهي جنهن سبب سندس ڀاءَ هاردڪ ۽ ڪرونل پانڊيا کي نقصان ٿيو.
ڪرونل ۽ ويڀوَ 2021ع ۾ گڏيل ڪاروبار شروع ڪيو جنهن ذريعي ٻئي ڪرڪيٽر هاردڪ ۽ ڪرونل کي چاليهه سيڪڙو جڏهن ته سندن ويڳي ڀاءَ ويڀوَ کي ويهه سيڪڙو ملڻهو هو پر ويڀوَ منافعو ورهائڻ بدران هڪ ڌار ڪمپني ٺاهي ۽ منافعو ان ڪمپني ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو.
ممبئي پوليس جي اقتصادي ڏوهن واري ونگ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ويڀو تي ڌوکيبازي ۽ ٺڳي جو الزام مڙهيو ويو آهي جڏهن ته شڪايت هاردِڪ پانڊيا طرفان داخل ڪرائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.