حڪومت ڇهن يا اٺن مهينن ۾ معيشت بهتر نه ڪري سگهندي: خورشيد شاهه جي دعويٰ

سکر (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته بهتر سياستدان ٿيڻ جي لاءِ عوام سان رابطي ۾ رهڻو پوندو آهي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهه ٻول ڪندي هن چيو ته منهنجو گهڻو وقت سکر ۾ گذرندو آهي ڇو ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ماڻهن لاءِ گهڻو پري آهن.
سندس چوڻ هو ته وٽس جيڪڏهن 100 ماڻهو ڪم لاءِ اچن ٿا ته انهن مان پنج ماڻهن جو ڪم ٿئي ته خوشي ٿيندي آهي.
سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سياست ۾ 55 سالن جو تجربو آهي،جيڪڏهن اوهان عوام سان رابطي ۾ رهندئو ته عوام به اوهان وٽ ايندو.
پي ٽي آئي جي باني ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا جن جي ڪري معيشت ويهجي وئي ۽ اڄ جيڪا حڪومت آهي دعويٰ سان چوان ٿو اها حڪومت 6 يا 8 مهينن ۾ معيشت بهتر نه ڪري سگهندي.
هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ اڍائي سال لڳي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.