سيما حيدر کي مڙس سچن جو ڪوٽڪو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي نوجوان جي محبت ۾ پاڪستان ڇڏي ڀارت ويل سيما حيدر بابت هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ سندس چهري کي زخمي حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سيما حيدر جي اک سڳل آهي ۽ چپ به زخمي آهي جنهن کانپوءِ اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته سيما حيدر کي سندس ڀارتي مڙس سچن مينا تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

سوشل ميڊيا تي هي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سيما حيدر جي وڪيل جو موقف اچي ويو آهي، وڪيل اي پي سنگهه ڄاڻايل وائرل وڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ڪندي سيما حيدر جي وڊيو ٺاهي وئي آهي جنهن کي پاڪستاني يوٽيوبرز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو آهي.

پوليس به وڊيو جي جاچ ڪئي ۽ ان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، پوليس موجب سيما حيدر کي گهريلو تشدد جو نشانو ناهي بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.