بشريٰ انصاري وٽ پينو مافيا مان جان ڇڏائڻ جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري پينو فقيرن جي مافيا مان جان ڇڏائڻ جو طريقو ٻڌايو آهي.

پينو مافيا مان تنگ اچي بشريٰ انصاري هڪ پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن پينو فقيرن کي محنت ڪش بڻائڻ لاءِ بهترين طريقو ٻڌايو.

هن لکيو ته شهر ۾ موجود ميونسپل ڪاميٽين کي اختيار ڏنو وڃي ته جتي به پينو نظر اچي ان کي شهر جي صفائي تي لڳائي معاوضو ڏنو وڃي ۽ شهرين کي به گهرجي ته پينو فقيرن کي خيرات ڏيڻ بدران انهن کان ٻهاري ڏيارين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.