جهانويءَ پاران شيکر سان لاڳاپن جي تصديق، ملاقاتون به ڪندا آهيون: اداڪارا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور فلمي گهراڻي سان واسطو رکندڙ اداڪارا جهانوي ڪپور نيٺ مهاراشٽر جي اڳوڻي وڏي وزير سشيل ڪمار شندي جي ڏوهٽي شيکر پهاڙيا سان لاڳاپن ۽ ملاقاتن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جهانوي جي پيءُ ۽ بالي ووڊ جي مشهور پروڊيوسر بوني ڪپور پنهنجي ڌيءُ جا شيکر سان قربت جي معاملن جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته جنهن شيءِ ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو اهو ڪسٽمائزڊ هار هو جيڪو جهانوي ڪپور پنهنجي پيءُ جي نئين پروڊيوس ڪيل فلم ”ميدان“ جي ممبئي ۾ ٿيندڙ اسڪريننگ تقريب ۾ پاتو هو جنهن تي سندس بواءِ فرينڊ جو نالو ”شيکو“ لکيل هو.
واضح رهي ته هن سال جي شروعات ۾ جهانوي ڪپور ”ڪافي ود ڪرن“ ۾ شرڪت ڪئي جتي پنهنجن ويجهن ماڻهن جي نالن جو ذڪر ڪيائين. اتي هن چيو ته پاپا (پيءُ)، خوشو ۽ شيکو، جهانوي ڪپور اداڪارا سري ديوي جي ڌيءُ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.