عوام سان جيڪي واعدا ڪيا پورا ڪيا ويندا: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عام ماڻهوءَ کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.
اڳواڻي وزيراعظم نواز شريف شاهه ڪوٽ مان چونڊجي آيل پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبر رانا محمد ارشد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
ان دوران گفتگو ڪندي ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته ننڪانا شاهه ڪوٽ جي عوام کي مان سلام پيش ڪيان ٿو ، ننڪانه ۾ جلسي دوران جيڪي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ويندا.
ان وڌيڪ چيو ته ننڪانا ۾ تعليمي ادارا ٺاهي سموري صوبي ۾ خوشحالي جو دور واپس آڻينداسين ، نون ليگ نوجوانن ۽ عام ماڻهن کي ريليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.