وزيراعظم سان ڪويتي هم منصب جو رابطو، پاڪستان سان سهڪار وڌائڻ جي خواهش ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباه فون ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون.
ڪويتي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا به ڪئي، ٻنهي مسلم امت ۾ ڀائيچاري ۽ فلسطينين تي جاري ظلم جي خاتمي جي به دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.