اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ايندڙ مالي سال ۾ مهانگائي گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ سالياني ايشين ڊولپيمينٽ آئوٽ لڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال گذريل 5 ڏهاڪن کان وڌيڪ مهانگائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت توانائي جي اگهن ۾ واڌ سان هلندڙ مالي سان مهانگائي وڌيڪ رهندي.
اي ڊي بي هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته سياسي عدم استحڪام معاشي بحالي ۽ سڌارن لاءِ اهم چئلينج آهي، پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال مهانگائي 25 سيڪڙو جي اوچي سطح تي رهڻ ۽ ايندڙ مالي سال گهٽجڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب سياسي غير يقيني ۽ ٻوڏ سبب پاڪستاني معيشت کي نقصان پهتو، تعميراتي شعبي ۾ لاڳت وڌڻ ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ سان ترقي متاثر ٿي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال زرعي پيداوار ۽ صنعتي شعبي ۾ بهتري اچڻ جي اميد آهي، سڌارن تي عمل ڪيو ويو ته معاشي بحالي هلندڙ سال کان شروع ٿي ويندي ۽ پاڪستانين لاءِ مهانگائي ۾ ايندڙ مالي سال گهٽتائي جو امڪان آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته غذائي شين جي اگهن ۾ استحڪام اچڻ جي اميد آهي، جنهن سان مهانگائي جي شرح 15 سيڪڙو تائين اچي ويندي.
You might also like