گڏيل عرب امارتن، ڪويت، عمان، بحرين جي ايس آءِ ايف سي ۾ ڀرپور دلچپسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن، ڪويت، عمان ۽ بحرين خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۾ ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميٿي طرفان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي مان ۾ عيد ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ 17 ملڪن جي قونصل جنرلز به شرڪت ڪئي.
گڏيل عرب امارتن سميت ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز سنڌ جي سنڌ جي ايس آءِ ايف سي منصوبن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته صوبي ۾ ايس آءِ ايف سي منصوبن کي مڪمل تحفظ ڏينداسين، اها منصوبا ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.