اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ مان جسٽس يحيٰ آفريدي ڌار ٿي ويو.
سپريم ڪورٽ طرفان ججن جي خط جي معاملي تي پاڻمرادي نوٽيس جي پهرين ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي.
جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪرڻ سان گڏ واڌو نوٽ به لکيو ته هاءِ ڪورٽس آئين تحت آزاد عدالتون آهن، آرٽيڪل 3/184 هاءِ ڪورٽس جي آزادي تي استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پاڻمرادو نوٽيس سٺي نيت سان ورتو ويو پر ان سان هاءِ ڪورٽس ۽ چيف جسٽسز جي آزادي کي نقصان پهچي رهيو آهي.
هن چيو ته 6 ججن جي خط ۾ کنيل معاملا سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جي ضابطن ۾ ڏسڻ گهرجن، مان پاڻ کي بئنچ کان الڳ ڪيان ٿو.
You might also like