حب (ويب ڊيسڪ) حب ۾ درگاهه شاهه نوراني ويندڙ زائرين سان ڀريل ٽرڪ کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 17 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب ٺٽي کان درگاهه شاهه نوراني ويندڙ زائرين سان ڀريل ٽرڪ عيان پير ڀرسان کاهيءَ ۾ ڪِري، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زائرين جو واسطو ٺٽي سان آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايت تي 12 سخت زخمين کي سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين زخمين جو حب جي سول اسپتال ۾ علاج جاري آهي.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
Prev Post
					You might also like
		
	
	
					 
			