”پيپلزپارٽي کي ڪنهن نيڪ ڪم جي صدقي ٽيون ڀيرو حڪومت ملي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي ڪنهن نيڪ ڪم جي صديق ٽيون ڀيرو حڪومت ملي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته دعا آهي ته وڏو وزير اهڙو ڪجهه ڪري جو هفتي ۾ امن قائم ٿي وڃي.

هن چيو ته دعا آهي ته عيد ملڪ لاءِ سلامتي جو سبب بڻجي، فلسطين ۾ ٻار شهيد ڪيا پيا وڃن جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.

سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي کي ڪنهن نيڪ ڪم جي صدقي ٽيون ڀيرو حڪومت ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.