پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن جي پارٽنر آهي: خالد مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن جي پارٽنر آهي، پوليس تان ماڻه جو ويساهه کڄي ويندو.

عيد نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رينجرز سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ خلاف اختيار گهريا آهن، ڪچي جي علائقي ۾ پڪي ڌاڙيلن جي حڪومت آهي.

هن چيو ته پوليس کي ڏسي ماڻهو سک جو ساهه کڻڻ بدران خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي شهري علائقن جي شهرين کي چاقو رکڻ جي به خواهش ناهي، پنهنجو دفاع ڪرڻ ۽ ٻارن جي مستقل جو فيصلو ڪرڻ جو حق آهي.

حڪمرانن کي ملڪ جو سوچڻو پوندو، هن وقت ملڪ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.