”جيڪڏهن شهباز شريف گريڊ 17 کان 21 کي چار پگهارون ڏنيون آهن ته ملڪ ۾ خزانو هوندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف گريڊ 17 کان 21 تائين جي عملدارن کي چار پگهارون ڏنيون آهن ته ملڪ ۾ خزانو هوندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته مان چوان ٿو ته هي پگهارون گريڊ هڪ کان گريڊ پندرهن جي ملازمن کي ڏيڻ گهرجن ها.

خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سياستدانن ۽ سڀني ادارن کي سوچڻو پوندو، حڪومت کي صلاح آهي ته پارليامينٽ ۾ هر شئي ۾ اعتماد ۾ آڻي فيصلو ڪري، جيڪڏهن پارليامينٽ کي ربڙ اسٽيمپ سمجهيو ويندو ته پوءِ اهڙي صورتحال هوندي.

سندس چوڻ هو ته جيڪي هٿيار ملڪ جي ٻين صوبن جي پوليس وٽ آهن اهي سنڌ پوليس کي به ڏنا وڃن، اهو اسلحو سنڌ پوليس کي ملي وڃي ته ٽن مهينن ۾ ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ٿي ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرمنلز وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟ سنڌ پوليس کي اجازت نٿي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.