گذريل مارچ انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار

گرمي پد ۾ واڌ سان بڻجندڙ رڪارڊز جو سلسلو جاري آهي ۽ ماهرن گذريل مهيني کي انساني تاريخ جو گرم ترين مارچ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اهو لاڳيتو ڏهون مهينو آهي جنهن گرم ترين هجڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ان کان اڳ جون، جولاءِ، اگست، سيپٽمبر، آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر (2023 جو مهينو) جنوري ۽ فيبروري (2024) به انساني تاريخ جا گرم ترين مهينا ثابت ٿيا هئا.

پرڏيهي رپورٽس موجب مارچ 2024 ۾ وچ عالمي گرمي پد صعنتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1.68 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ٿيو جڏهن ته گذريل 12 مهينن ۾ 1.58 وڌيڪ رڪارڊ ٿيو.

يورپ کان ٻاهر اوڀر اتر آمريڪا، گرين لينڊ، اوڀر روس، وچ آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، آفريقا جي گھڻ خطن، ڏکڻ آسٽريليا ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ به موسم معمول کان وڌيڪ گرم رهيو آهي.

ماهرن موجب مارچ 2024 ۾ به موسمياتي رڪارڊ ٽٽڻ جوسلسلو جاري رهيو ۽ اهو مسلسل ڏهون رڪارڊ ٽوڙڻ وارو مهينو ثابت ٿيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي گرمد پد ۾ واڌ روڪڻ لاءِ زهريلي گيسن جي اخراج ۾ وڏي پيماني تي لاٿ آڻڻ کپي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.