ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ضلعي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ماريل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو، اهي علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.